بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن

بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن: بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (بي ايس او) 1967ع ۾ قائم ڪئي ويئي. هي شاگرد جماعت شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ سرگرم رهي ڇاڪاڻ جو تن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ تعليمي ادارا گهٽ هئا ۽ بلوچ سان واسطو رکندڙ شاگرد ڪراچيءَ ۾ پڙهندا هئا. هي شاگرد تنظيم نعپ، بلوچ قوم پرست اڳواڻن ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي زير اثر رهي. سنڌ ۾ جيڪب آباد، سنڌ يونيورسٽي ۽ زرعي ڪاليج/ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هن تنظيم جا يونٽ رهيا آهن. 1970ع ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ نعپ جي پليٽ فارم تان قومي اسيمٻلي جي چونڊ کٽي. 1973ع کان 77ع تائين هن تنظيم جي ڪارڪنن هٿياربند مزاحمتي گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو. بلوچستان جي اڄوڪي سياسي اڳواڻن سان ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، عبدالمالڪ بلوچ، ثناءُ الله بلوچ، الهنواز بلوچ، غلام محمد بلوچ ۽ ٻيا بي. ايس. او جي ئي پيداوار آهن. هيءَ تنظيم نعپ جي حامي رهي. پر ان تي بندش ۽ بعد وارن واقعن ڪري تنظيم ۾ مختلف رجحان پيدا ٿيا. ستر واري ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ وڌيڪ تعليمي ادارا کلڻ بعد صوبي جي مختلف علائقن ۾ ان جا يونٽ قائم ٿيا. ائين بلوچستان ۾ وچولي طبقي جي سياست رائج ڪرڻ جي بانيڪار بني .


لفظ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو